جي. ايم. سليڊن

جي. ايم. سليڊن

جي ايم سليڊن

جي. ايم. سليڊن: جي. ايم. سليڊن، خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر جي دور ۾ خيرپور رياست جو وزير ٿي رهيو هو. هن کان اڳ آءِ. ايڇ ٽانٽن خيرپور رياست جو پهريون انگريز وزير هو، جيڪو سنڌي ٻولي ڄاڻندو هو. هن جي مقرري 1930ع ۾ ٿي هئي ۽ ٻن سالن جي وزارت کان پوءِ استعيفا ڏئي واپس پنهنجي ڏيهه هليو ويو. ٽانٽن جي وڃڻ کانپوءِ هڪدم 1932ع ۾ جي. ايم. سليڊن خيرپور رياست جو وزير ٿي آيو. جنهن خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر سان آخري دم تائين دوستيءَ جو ناتو نڀايو. سليڊن خيرپور رياست جو 1937ع تائين ڪامياب وزير رهيو. هن خيرپور رياست ۾ ڪافي سڌارا آندا ۽ گهڻي کان گهڻي غير آباد زمين کي آباد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جي دؤر ۾ پنجاب جا ڪافي ماڻهو اچي خيرپور رياست ۾ اچي آباد ٿيا، جن ۾ کرل ۽ ٻيون ذاتيون شامل هيون. هيءُ 1935ع ۾ خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر وفات ڪئي، ان کان پوءِ ٻه سال وزير رهيو ۽ 1937ع ۾ واپس ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو